The Message of Imam Khamenei to the Youth in Europe and North America, in Sindhi

 

بسم الله الرحمن الرحيم

يورپ ۽ شمالي آمريڪا جي سڀني جوانن ڏانهن هڪ کليو خط

فرانس جي هاڻوڪن واقعن ۽ ڪجهه ٻين مغربي ملڪن ۾ ان جهڙن واقعن مون کي مجبور ڪيو ته آئون ان بابت اوهان سان سڌو سنئون ڳالهيان. منهنجو (سڌو سنئون) توهان نوجوانن سان خطاب ان ڪري نه آهي ته آئون اوهان جي والدين کي نظر انداز ڪري رهيو آهيان، بلڪه ان سبب آهي  جو آئون توهان جي قوم ۽ ملڪ جو مستقبل اوهان جي هٿن ۾ ڏسي رهيو آهيان ۽ اوهان جي دلين جي گهرائي ۾ حق جي ڳولها وارو جذبو ٻين کان وڌيڪ  ڏسي رهيو آهيان. اهڙي ريت هن خط ۾ منهنجا مخاطب، اوهان جا سياستدان ۽ حڪومتي ڪارندا ناهن، ڇاڪاڻ ته مون کي يقين آهي ته انهن ڄاڻي واڻي ۽ مڪمل علم ۽ آگاهي سان سياست وارو رستو صداقت ۽ سچائي کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي.

  منهنجي اوهان سان گفتگو اسلام بابت آهي، خاص طور تي اسلام جي ان شڪل۽  صورت بابت آهي جيڪا اوهان جي اڳيان پيش ڪئي وئي آهي. گذريل ٻن ڏهاڪن يعني تقريبا روس جي ٽٽڻ کان پوءِ ڪيتريون ئي سازشون ڪيون ويون آهن ته هن عظيم دين کي هڪ خطرناڪ دشمن طور  پيش ڪيو وڃي.

 افسوس آهي جو مغرب جي سياسي تاريخ ۾  رعب ۽ نفرت جي احساس کي ڀڙڪائڻ ۽ ان مان فائدو حاصل ڪرڻ واري پاليسي گهڻي عرصي کان جاري آهي.

آئون هتي انهن مختلف اندازن ۾ پيدا ڪيل خوف ۽ دهشت جي تفصيل ٻڌائڻ نه ٿو چاهيان جيڪو مغربي قومن جي ذهنن ۾ پيدا ڪيو ويو آهي .

  اوهان پاڻ تاريخ بابت ٿيل هاڻوڪي تنقيدي مطالعي جو مختصر جائزو وٺڻ کان پوءِ سمجهي سگهو ٿا ته جديد تاريخ نويسيءَ ۾ دنيا جي مغربي حڪومتن  پاران ٻين قومن ۽ دنياوي ثقافتن سان  ٿيل ڪوڙ ۽  ٺڳيءَ تي مشتمل رفتار جي مذمت ڪئي وئي  آهي .

آمريڪا ۽ يورپ جي تاريخ غلامي واري ڪارنامي تي پشيمان آهي، استعمار واري زماني تي سندس ڪنڌ جهڪيل آهي، ڪارن ۽ غير عيسائين تي ٿيل ظلم ۽ ستم تي شرمسار آهي. اوهان جا محقق ۽ مورخ انهن خوني لڙاين تي شرمنده آهن جيڪي ،مذهب جي نالي تي ڪيٿولڪ ۽ پروٽسٽنٽ عيسائين جي وچ ۾  يا قوم ۽ نسل جي بنياد تي  پهرئين ۽ ٻين عالمي جنگين ۾ پيش آيون.

اها ڳالهه پاڻ ئي تعريف جوڳي آهي، ليڪن ان ڊگهي فهرست مان ڪجهه ڳالهين کي ٻيهر بيان ڪرڻ مان، منهنجو مقصد تاريخ جي مذمت ڪرڻ ناهي بلڪه آئون چاهيان ٿو ته توهان، پنهنجي روشن فڪر ماڻهن کان پڇو ته هميشه مغرب ۾ عام ماڻهن جو ذهن ۽ ضمير ڪيترن ئي ڏهاڪن يا سوين سالن کان پوءِ ڇو بيدار ٿيندو آهي؟

عمومي فڪر جو دائرو، هاڻوڪن واقعن بجاءِ آڳاٽي زماني وارن واقعن تائين ئي محدود ڇو آهي؟ ڪهڙو سبب آهي جو ” اسلامي فڪر۽ ثقافت سان پيش اچڻ واري طريقه ڪار جهڙي اهم موضوع بابت عام ماڻهن تائين جنرل معلومات (پهچائڻ) کان روڪيو پيو وڃي.

اوهان چڱي ريت آگاهه آهيو ته ذلت، نفرت ۽ ٻين بابت خيالي خوف ۽ هراس پيدا ڪرڻ، اهي سڀئي شيون ظالمانه فائدن کي حاصل ڪرڻ جو گڏيل ذريعو رهيون آهن.

هاڻي آئون چاهيان ٿو ته توهان پنهنجي پاڻ کان پڇو ته خوف ۽ نفرت ڦهلائڻ واري پراڻي سياست سان  هن وقت ڇو (اڳي کان وڌيڪ) ايتري وڏي شدت سان اسلام ۽ مسلمانن کي نشانو بڻايو ويو آهي؟ اڄ جي دنيا ۾، دنيا جون طاقتون ڇو چاهن ٿيون ته اسلامي فڪرهڪ پاسي تي ۽ بري طرح متاثر ٿي وڃي.؟ اسلام جا ڪهڙا مقصد ۽ اصول انهن وڏين طاقتن جي منصوبن لاءِ خطرو آهن؟ ۽ اسلام کي غلط شڪل ۽ صورت پيش ڪرڻ سان کين ڪهڙو فائدو ملندو؟ تنهن ڪري منهنجو پهريون مطالبو اهو آهي ته اوهان اسلام خلاف هن وڏي  پيماني تي ٿيل منفي پروپئگنڊا جي سببن بابت تحقيق ۽ تلاش ڪريو.

منهنجي ٻيءَ خواهش هيءَ آهي ته اسلام جي خلاف ٿيل ڪثرت سان اڳواٽ صادر ٿيل فيصلن ۽ منفي پروپئگنڊا جي رد عمل ۾ اوهان هن دين بابت سڌي سنئين معلومات حاصل ڪريو. صحيح عقل ۽ شعور جي تقاضا اها آهي ته گهٽ ۾ گھٽ ان (حقيقت) کي سمجهو جنهن کان اوهان کي روڪيو ۽ ڊيڄاريو پيو وڃي ته اهو ڇا آهي ۽ ان جي حقيقت ڇا آهي؟

مان ان ڳالهه تي زور نه ٿو ڀريان  ته توهان اسلام بابت منهنجي يا ڪنهن ٻئي جي راءِ کي قبول ڪريو، بلڪه اهو ٿو چوان ته اڄ جي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اثرائتي ۽ جنجهوريندڙ هن حقيقت کي  (غلط) هدفن ۽ مقصدن سان آلودهه ڪري اوهان  جي سامهون اچڻ جي اجازت نه ڏيو.  ڪنهن کي اجازت نه ڏيو  ته هو ڌوڪي بازيءَ سان  پنهنجي ئي  نوڪر دهشتگردن کي، اسلام جو نمائندو بڻائي  اوهان اڳيان پيش ڪري.

اسلام کي ان جي اصلي مآخذ ۽ منبع (Source)”سرچشمي“ ذريعي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪريو. اسلام کي قرآن مجيد ۽ رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم جي مبارڪ زندگيءَ ذريعي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪريو. منهنجو توهان کان سوال آهي ته ڇا اڄ تائين توهان  مسلمانن جي قرآن مجيد کي پڙهيو آهي؟

  ڇا توهان پيغمبر اسلام صلي الله عليه و آله وسلم جي تعليمات ۽ ان جي زندگي جي اخلاقي ۽ انساني رخن جو مطالعو ڪيو آهي؟ ڇا توهان کي ميڊيا کان هٽي ڪري اسلام جو پيغام ڪنهن ٻئي طريقي سان مليو آهي؟ ڇا توهان ڪڏهن پنهنجي پاڻ کان سوال ڪيو آهي ته انهيءَ اسلام طويل عرصي  کان ڪهڙن اصولن جي بنياد تي دنيا جي وڏي ۾ وڏي فڪري ۽ علمي ثقافت کي پروان چاڙهيو، ۽ وڏن  وڏن مفڪرن ۽ عظيم دانشورن جي تربيت ڪئي آهي؟

  منهنجي توهان کان اها گُهر آهي ته اوهان اجازت نه ڏيو ته اهي غلط ۽ ڪريل ڳالهيون حقيقت ۽ توهان جي وچ ۾ احساسي ۽ جذباتي بند ٻڌن ۽ اهڙي ريت اوهان کان غيرجانبدار فيصلي جي صلاحيت کسي وٺن. اڄ جڏهن ته مواصلاتي رابطن جاگرافيائي حدون ختم ڪري ڇڏيون آهن، اوهان اجازت نه ڏيو جو توهان کي ذهني ۽ هٿ ٺوڪيءَ حدن ۾ محدود ڪري ڇڏين، جيتوڻيڪ ڪو به شخص انفرادي طور تي  ان شگاف کي ڀري نه ٿو سگهي، ليڪن اوهان جوانن منجهان هر هڪ پنهنجي ۽ پنهنجي چؤ طرف موجود معاشري جي آگاهيءَ لاءِ فڪر ۽ انصاف ذريعي ان شگاف مٿان پل ٺاهي سگهي ٿو.

  اڳواٽ طئي ٿيل منصوبي سبب  اسلام ۽ اوهان جوانن جي وچ ۾ پيدا ٿيل هيءُ مشڪل جيتوڻيڪ اڻ وڻندڙ آهي، ليڪن اوهان جي حق کي تلاش ڪندڙ ۽ جاکوڙي ذهن ۾ نوان سوال پيدا ڪري سگهي ٿو. انهن سوالن جا جواب ڳولڻ جي ڪوشش اوهان جي سامهون نين حقيقتن کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ هڪ وڏي فرصت پيش ڪري ٿي، تنهن ڪري اسلام بابت صحيح ڄاڻ ۽ بغير ڪنهن اڳواٽ فيصلي جي ان کي سمجهڻ لاءِ هن فرصت کي هٿان نه وڃايو، شايد حقيقت جي حوالي سان ذميواري قبول ڪرڻ (واري احساس) جي برڪت سان،  زماني جي هن حصي ۾ اڳتي اچڻ وارا، اسلام سان مغرب جي ورتاء  واري تاريخ کي گهٽ تڪليف ۽ اطمينان بخش ضمير سان لکن.

 

سيد علي خامنه اي

21 جنوري 2015 ع

 

منبع: www.Alumni.miu.ac.ir

فیس بوک Facebook فارسی English
تمامی حقوق این وب سایت متعلق به جامعة المصطفی العالمیه می باشد